سرواڻ سنڌي

سرواڻ سنڌي

سرواڻ سنڌي

سرواڻ سنڌي: نوجوان شاعر، اديب، صحافي ۽ تنقيدنگار، سرواڻ سنڌيءَ جو پورو نالو شوڪت علي ولد نذير احمد چانڊيو آهي. هن 27 مئي 1979ع تي ڳوٺ فريد خان چانڊيي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. ڳوٺ مان ابتدائي تعليم وٺي، گورنمنٽ هاءِ اسڪول لنواري شريف مان مئٽرڪ، انٽرميڊيئٽ آرمي پبلڪ ڪاليج بدين مان پاس ڪيائين. ان بعد زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام مان بي. ايس. سي اينٽومولاجيءَ ۾ ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس 2006ع ۾ ڪئي. شاگرديءَ واري عرصي ۾ ئي هي صحافت ۽ ادب سان لاڳاپجي ويو. 2002ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ زرعي يونيورسٽيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. روزاني عبرت ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جو آغاز ڪيائين ۽ ساڳي اخبار جو ڪجهه سال نيوز ايڊيٽر پڻ رهيو. ماس ڪميونيڪيشن ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پاڪستان جي خابرو اداري اي. پي. پي (ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان) سان لاڳاپجي ويو. هن وقت ان اداري ۾ سنڌي سروس اسلام آباد جو انچارج پڻ آهي. هن ادبي سنگت کي اسلام آباد شهر ۾ فعال ڪيو آهي ۽ 2010ع کان سيڪريٽري آهي. هن 2010ع ۾ ڀارت ۾ ٿيل موسمياتي تبديليءَ بابت هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي. هن سنڌي ادبي سنگت شاخ اسلام آباد پاران 2012ع ۾ ‘قومي ٻولي ڪانفرنس’ پڻ منعقد ڪرائي. ان کان سواءِ اسلام آباد ۾ ايندڙ سنڌي اديبن سان رهاڻيون پڻ رچايون آهن. سندس شاعري ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. کيس ڪيترائي اوارڊ مليل آهن. صحافتي خدمتن عيوض ‘نظريئه پاڪستان ٽرسٽ’ پاران گولڊ ميڊل ڏنو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.05.27  عيسوي

سرواڻ سنڌيءَ جو پورو نالو شوڪت علي ولد نذير احمد چانڊيو آهي. هن 27 مئي 1979ع تي ڳوٺ فريد خان چانڊيي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪشنچند بيوس
ڀٽو محمد يوسف
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
ڀرڳڙي مشتاق
احسن حافظ محمد چنا
پورن هولا رام تيجڀانداس
خير محمد سوز ٻُرڙو
صادق علي ڪنڀر
انجم هالائي
بيدل فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون